جواهر لغات سنڌي اڪيچار

جواهر لغات سنڌي اڪيچار

جواهر لغات سنڌي اڪيچار

جواهر لغات سنڌي اڪيچار: سنڌي-فارسي جي هن لغات جو مصنف 19 صديءَ جو برک سنڌي عالم آخوند عبدالرحيم عباسي آهي، هن لائق مصنف خالص سنڌي اچار وارن اکرن جي صورتن کي سنوارڻ ۽ سنڌي الف - ب جو شروع کان وٺي آخر تائين ترتيبوار سٽاءُ قائم ڪرڻ وارو جيڪو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي، سو تاريخي لحاظ سان وڏي اهميت وارو آهي. سندس الف- ب جي پٽي ۽ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ واري پٽيءَ کي ڀيٽڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر ٽرمپ جيڪي ڪجهه حاصل ڪيو سو گهڻي حد تائين آخوند عبدالرحيم کان ئي حاصل ڪيو. هيءَ اهميت واري لغت آهي، انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سنڌي لغات جي تصنيف ۽ تاليف جي تاريخ ۾ آخوند عبدالرحيم عباسيءَ جي لکيل هي ”جـواهــر لـغـات ســنـڌي اڪـيـچــار“ سنڌي-فارسي لغت ٺاهڻ وارو پهريون وڏو ڪارنامو آهي. لغت جي مصنف جي مقدمي مان هي نتيجا نڪرن ٿا ته: هڪ ته هيءَ لغت مصنف سنڌ سرڪار جي تعليم کاتي يا ورنيڪيولر ڪاميٽيءَ جي سفارش موجب ڪا نه لکي، پر سندس پنهنجي ادبي حلقي وارن ساٿين جي خواهشن تي لکي، ٻيو ته هن مقدمي جي ٻولي اڳ جي معلوم ٿئي ٿي، جنهن مان به ائين لڳي ٿو ته هي 1850ع کان اڳ وارو دور هو. هن لغت جي هڪ خاص اها به خوبي آهي ته ان ۾ ڪراچي شهر کان ٻاهر هلندڙ عام سنڌي جا لفظ پڻ شامل آهن، اهو انهي ڪري جو مصنف پاڻ ڳوٺاڻو هو ۽ سنڌي رائج ٻولي کان واقف هو. هن شاهڪار لغت کي سنڌ جي برک محقق، اديب ۽ دانشور ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ تفصيلي مهاڳ سان مرتب ڪري 1993ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري مان شايع ڪرائي. 782 صفحن تي مشتمل هن لغت جي قيمت 250 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو